ڀوڏيسر جو تلاءُ

ڀوڏيسر جو تلاءُ

ڀوڏيسر تلاءُ

ڀوڏيسر تلاءُ: هيءُ تلاءُ ننگرپارڪر کان چار ميل اتر- اوڀر ۾ جين مندر جي ويجهو ۽ ڀوڏيسر مسجد جي رسان آھي، جنهن جي ماپ اندازاً 400x200 فوٽن جي ٿيندي. هي تلاءُ جيسي پرمار جي پٽ شھزادي ڀوڏي پرمار ٺھرايو ھو. روايت آهي ته ان پٽ ۾ ڪافي سالن کان برسات نه پئي ته برھمڻن جي چوڻ تي ھن قرباني ڪرڻ خاطر پنھنجو پُٽ ڪُٺو ۽ ديوتائن کي راضي ڪيائين. ان بعد برسات پئي ۽ تلاءَ ڀريو. ھن تلاءَ ۾ ھيٺ لھڻ لاءِ 30 ڏاڪا ٺھيل هئا. اندر توڙي ٽِن پاسن کان سرون لڳل آھن. تازو سرڪاري طور ڀوڏيسر تلاءَ جي نئين سر کوٽائي ڪري، اُن تي پٿرن جو بند ۽ پڪي موري ٺاهي وئي آهي ته جيئن واڌو پاڻي آباديءَ لاءِ ڪم آڻي سگهجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو